گهوٽڪي (رپورٽر) گھوٽڪي جي نيو بس ٽرمينل وٽ لڳل سبيل کي پوليس پاران بند ڪرائڻ واري مامري تان مومنن ۾ تاءُ پکڙجي ويو، جنهن بعد شيعا علماءِ ڪائونسل طرفان مولوي معشوق قمي جي اڳواڻي ۾ نيو بس ٽرمينل ڀرسان جي ٽي روڊ تي احتجاج ڪندي ايس ايچ او خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي وئي، بعد ۾ احتجاجي مظاهرين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري سنڌ ۽ پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته نيو بس ٽرمينل تي لڳل سبيل ڪيمپ کي ايس ايچ او قابل ڀيو بند ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو عمل قابل قبول ناهي، ان سلسلي ۾ ايس ايچ او قابل ڀيو جو چوڻ هو ته هن لڳل سبيل کي بند ناهي ڪرايو، ٻئي طرف سبيل بند ڪرائڻ واري مامري تان گهوٽڪي ۾ ٿيل احتجاج جي حمايت ۾ مومن ميرپور ماٿيلو جي قومي شاهراهه تي پڻ ڌرڻو هنيو ۽ خانپور مهر ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڊي ايس پي گهوٽڪي انور شيخ قومي شاهراهه کولرائڻ لاءِ شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون پر احتجاج ڪندڙن ڊي ايس پي کي ايس ايچ او خلاف ڪاروائي ٿيڻ تائين کتو جواب ڏئي ڇڏيو، بعد ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي احتجاج جو نوٽيس وٺندي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او قابل ڀيو ۽ ڊي آءِ بي گهوٽڪي جي انچارج اي ايس آءِ اصغر جسڪاڻي کي معطل ڪندي لائين ڪلوز ڪري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن پنهنجو احتجاج ختم ڪيو.