گھوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) اغوا جي انڊسٽيري بڻيل گهوٽڪي ضلعي مان اغوا ٿي ويل 6 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا، پوليس خاموشي اختيار ڪري ڇڏي، مغوين جي گهرن ۾ مايوسي ڇانيل، خبر موجب 3 ڏينهن اڳ گھوٽڪي ويجھو ڳوٺ جمعو سنگھڙ جي رھواسين غلام شبير سنگھڙ، حفيظ سنگهڙ ۽ ذيشان سنگھڙ، سرحد واسي شير محمد ملڪ، يارو لنڊ واسي معشوق قاضي ۽ ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ امير بخش حيدراڻي واسي اسرار احمد حيدراڻي کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا، جن کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري وارثن ۾ مايوسي ڇانيل آهي، مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون، جڏهن ته ڌاڙيلن فون ڪري ڪروڙين روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، هنن چيو ته پوليس راڄوڻي ذريعي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو مشورو ڏئي رهي آهي، سنگهڙ برادري جي مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اگر 24 ڪلاڪن اندر مغوي بازياب نه ٿيا ته قومي شاهراهه بند ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.