ڪراچي: گھوٽڪي جو ڊپٽي ڪمشنر گهر ڀيڙو، حيدرآباد ۾ مستقل ڪمشنر مقرر ڪرڻ بجاءِ ايڊيشنل ڪمشنر کي ڪمشنر جي اضافي چارج سونپي وئي! ان حوالي سان ڪالهه سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  گھوٽڪي جي 19هين گريڊ جي ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرائڻ بعد سندس جاءِ تي 19هين گريڊ جي سيد محمد علي شاھ کي ڊي سي گھوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حيدرآباد مان 20هين گريڊ جي ڪمشنر خالد حيدر شاھ کي بدلي ڪرڻ بعد سندس جاءِ تي مستقل ڪمشنر مقرر ڪرڻ بجاءِ 20هين گريڊ واري پوسٽ تي 19هين گريڊ جي ايڊيشنل ڪمشنر احسان قريشي کي ڪمشنر جي اضافي چارج سونپي وئي آهي.