اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 88 خوشاب، سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 18 گھوٽڪي ۽ خيبروختونخوا جي تڪ پي ڪي 90 جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ سامان کسڻ يا دهشتگردي جي واقعن جي ڪري 15 فيبروري تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي تڪن تي نتيجا روڪيا ويا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب اين اي 88 خوشاب جي 26، پي ايس 18 گھوٽڪي جي ٻن،پي ڪي 90 ڪوهاٽ جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي 15 فيبروري تي ٻيهر چونڊ ٿيندي. جڏهن ته ڪراچي جي تڪ اين اي 242 جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي ڀڃ ڊاهه جي واقعي جي شڪايت تي ريجنل اليڪشن ڪميشن کي جاچ ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.