ڄامشورو(رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني ۾ لمس يونيورسٽي انتظاميا پاران ھڪ گھر خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري چڙھائي ڪئي وئي، چڙھائي دوران لمس يونيورسٽي جي سيڪيورٽي انچارج ليڪچرار منصور علي چنو، ون فائيو پوليس انچارج اياز ابڙو ۽ گھر ڌڻي ۽ ڪالوني چي رھواسين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن دوران گھر ڌڻي نوجوان رشيد ميمڻ کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پٽ کي بچائيندي سندس پوڙھي امڙ به ڌڪي ٿي پئي، ان دوران ڄامشورو ضلعي ڪائونسل ميمبر شاھنواز برفت جي اڳواڻي ۾ ڪالوني جي رھواسين جي مداخلت تي لمس سيڪيورٽي انتظاميا ۽ پوليس جا اٽالا وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ بغير واپس روانا ٿي ويا. رابطو ڪرڻ تي لمس ڪالوني جي چئيرپرسن مسرت ابڙو ٻڌايو ته عدالتي حڪمن تحت گهر خالي ڪرائي رهيا آهيون،ڪورٽ طرفان آرڊر آهي ته غيرقانوني طور سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهيل 32 گهر خالي ڪرايا وڃن، جنھن تي اسان ڄاڻايل هنڌن تي پهتاسين ته گهر خالي ڪرڻ بدران اسان مهن ماري ڪئي وئي عدالت ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو کي حڪم ڏنو هو، جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي جي سربراهي ۾ ٽيم آئي جن سان گڏجي گهرن کي خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اسان ڪنھن سان ڪا به ناانصافي ناهي ڪئي جيڪو جنهن جو قانوني حق آهي اسان انهن کي حق ڏياري رهنداسين ڪنھن سان ڪا به دشمني ناهي جيڪي ماڻهو سالن کان رٽائرڊ ٿي ويا آهن اوهي ڪالوني جي گهرن تي قابض ٿي ويٺل آهن ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شاھنواز برفت قانوني ڪم ۾ رڪاوٽ وڌي آهي 32 ماڻهن جي لسٽ ۾ سندس نالو به شامل آهي جلد قبضو ڪري ويٺل کي اٿاري گهر خالي ڪرايا ويندا.