ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جو گهرو سيڪريٽري نيب جي ريڊار تي اچي ويو، نيب اقبال ميمڻ کي 24 جون تي نيب طلب ڪري ورتو، نيب طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ جي وڏي وزير جي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، اقبال ميمڻ سنڌ جي وڏي وزير جي اجازت کان سواءِ يو ٽي پي عمران احمد شيخ کي بار بار پي رول تي آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏني،گهرو سيڪريٽري عمران شيخ(انڊر ٽرائل) قيدي کي بار بار آزاد ڪندو رهيو، ڊي جي نيب احتساب عدالت جي اجازت بعد جوابدار جي آزادي بابت تفصيلي جاچ رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، احتساب عدالت حيدرآباد جي حڪم تي ڊي جي نيب هڪ مهيني اندر رپورٽ جمع ڪرائيندو. نيب سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کي اڱاري ڏينهن 12 وڳي جاچ ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي، سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کي اصل دستاويزن سان گڏ ايڊيشنل ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن 3 آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو کاتي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اقبال ميمڻ کي نيب طرفان طلب ڪرڻ بابت ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرن تي وضاحت جاري ڪئي آهي. گهرو کاتي وضاحت ڪندي چيو آهي ته نيب پاران گرفتار ڪيل جوابدار عمران شيخ احتساب عدالت حيدرآباد ۾ هڪ ڪيس ۾ جوابدار آهي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وڏي وزير کي هڪ سمري موڪلي هئي ته قانوني دائري ۾ ملزم کي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي، جوابدار کي سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن ۽ منظوري سان پيرول تي آزاد ڪيو ويو، انهن حڪمن جي منظوري سنڌ جي وڏي وزير کان هڪ باضابطه سمري ذريعي حاصل ڪئي وئي. ڄاڻايل قاعدن ۽ ضابطن جي تحت سنڌ جي گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي اهڙا حڪم جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي، پيئرول تي آزاديءَ مجاز اختيارين جي منظوري ۽ قانوني دائري ۾ رهي ڪري ڏني وئي، سنڌ جو گهرو کاتو قانوني گهرجن ۽ سڀني انتظامي معاملن ۾ شفافيت تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.