اسلام آباد(م ڊ) سولر پينلز واهپيدارن جي نيٽ ميٽرنگ سان گرڊ بجلي جي صارفين تي 159 ارب رپين جو اضافي بار پوڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب نيٽ ميٽرنگ ذريعي ڇتن تي سولر پينلز لڳائيندڙ صارفين بجلي جي گرڊ تي ڀاڙيندڙ صارفين تي 159 ارب رپين جوا ضافي بار وڌو، جنهن جي ڪري انهن جي ٽيرف ۾ في يونٽ 1.50 رپين جو اضافو ٿيو آهي. اهو انڪشاف پاور ڊويزن جي تازن انگن اکرن ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ چيو ڏٺو ويو ته نيٽ ميٽرنگ جي سهولت حاصل ڪندڙ امير طبقي جي ماڻهن جي ڪري اهي واهپيدار جيڪي صرف گرڊ بجلي استعمال ڪندا آهن، اضافي بار برداشت ڪري رهيا آهن. غريب صارفن 159 ارب رپين جي سبسڊي امير طبقي کي ڏئي رهيا آهن، ڇو جو انهن کي پنهنجي بجلي بلن ۾ في يونٽ 1.50 رپين جو اضافو ادا ڪرڻو پئجي رهيو آهي. نيٽ ميٽرنگ جا صارف گرڊ اسٽوريج جا خرچ ۽ انهن پاور لانٽس جي استعداد جي ادائيگي نه ڪري رهيا آهن، جيڪا انهن سولر پينلز جي اضافي جي ڪري بند رهندا آهن. انگن اکرن مطابق نيٽ ميٽرنگ تحت ڇتن تي سولر پينل لڳائيندڙ صارفين جو تعداد 2 لک 83 هزار تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو آڪٽوبر 2024 ۾ 2 لک 26 هزار 440 هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته صرف چئن مهينن ۾ 800 ميگاواٽ وڌيڪ سولر پينلز سسٽم ۾ شامل ٿي چڪا آهن. جنهن سان انهن صارفين تي وڌيڪ بار يو آهي، جيڪي صرف گرڊ بجلي تي ڀاڙين ٿا. پاور ڊويزن جي اعليٰ اختيارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور تي نئين پاليسي متعارف نه ڪرائي وئي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ نيٽ ميٽرنگ پاليسي جي ڪري سسٽم تي پوندڙ مالي ٻوجهه 503 ارب رپين کان وڌي ويندو، جيڪو سڌي ريت غريب واهپيدارن تي منتقل ٿي ويندو. موجوده پاليسي جي خامين جي نشاندهي ڪري اعليٰ فيصلي سازن کي ڏني آهي، پر حڪومت سياسي مجبورين جي ڪري ان ۾ ضروري بديليون ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. سڪاري دستاويز موجب ملڪ جي 8 وڏن شهرن جي پوش علائقن ۾ رهندڙ امير طبقو سولر ٽيڪنالاجي جي گھٽ قيمتن مان فائدو کڻي پنهنجي بجلي بلن ۾ 35 سيڪڙو ماهوار گھٽتائي آڻي چڪو آهي پر ان جي نتيجي ۾ 103 ارب رپين جو اضافي بار انهن صارفين تي پيو جيڪي سولر نيٽ ميٽرنگ استعمال نه ڪندا آهن. 2021ع ۾ نيٽ ميٽرنگ ذريعي سولر ڪنڪششنز جي مجموعي پيداوار 321 ميگاواٽ هئي، جيڪا 2024ع تائين وڌي 3277 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. سرڪاري دستاويزن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته 2034 تائين نيٽ ميٽرنگ ذريعي سولر ڪنڪشنز جي مجموعي صلاحِت 12377 ميگاواٽ تائين پهچي سگهي ٿي، حڪومت هاڻي نيٽ ميٽرنگ صارفن جي بجلي وڪڻڻ جي اگھه ۾ 27 رپيا في يونٽ گھٽ ڪري 8 کان 9 رپيا في يونٽ آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.