ٺٽو/گهارو(رپورٽر+ن پ ا) گھارو ۾ 3 ورهين جو ٻارڙو گٽر جي کليل مين هول ۾ ڪري فوت خبر موجب گهارو شهر جي نيازي ڪالوني ۾ 3 ورهين جو ٻارڙو اشيش مهيشوري گهر ٻاهران راند ڪندي پاڙيسرين جي گٽر جي کليل هول ۾ ڪري پيو، جنهن کي مقامي ماڻهن فوري طور تي ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ ٽائون انتظاميا جو چوڻ آھي ته نيازي ڪالوني ۾ سيوريج سسٽم نه ھجڻ ڪري ماڻھن پنھنجي گھر جي ٻاھران مين ھول ٺاھي ڇڏيا آھن، اھڙو واقعو پھريان به پيش اچي چڪو آھي، نيازي ڪالوني ۾ بلڊر پاران اسڪيم ۾ گٽر ٺاھي نه ڏنا ويا، جنھن سبب ماڻھون پنھنجي گھرجي ٻاھران مين ھول ٺاھي ڇڏيا آھن، جنھن سبب اھڙا واقعا پيش اچن ٿا.