گھارو (ن پ ا) نيشنل پريس ڪلب گھارو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مارڪيٽ ڌاٻيجي جو رھواسي زوهيب لوڌي ۽ سندس ڀيڻ ڌاٻيجي پوليس تي سخت الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪار حاجن ڏاهري ۽ شاهد پليجو سندن دڪان ۾ بنا جواز داخل ٿيا، جتي کين مارڪٽ جو نشانو بڻائي زبردستي دڪان جي ڪيش ۾ رکيل پئسا ۽ هڪ موبائل فون به هٿ ڪري ويا، جيڪو بعد ۾ گم ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجي موبائيل فون جو مس يوز ڪيو پيو وڃيم موبائل فون ۾ گهر وارن جون تصويرون به آهن جيڪي وائرل ٿيڻ جو خدشو آهي. زوهيب لوڌي موجب، جڏهن هن ان واقعي جي شڪايت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڌاٻيجي پوليس ان جي بدلي ۾ سندس خلاف گٽڪي رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ”اسان هڪ معزز گهراڻي سان تعلق رکون ٿا، اسان تي ڪڏهن به ڪو ڪيس داخل نه ٿيو، پوليس ڪوڙا الزام لڳائي اسان کي هراسان ڪري رهي آهي هن وڌيڪ چيو ته پوليس پاران بااثر ماڻهن جي چوڻ تي اهڙيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ۽ جيڪڏهن انصاف نه مليو ته هو عدالت جو در کڙڪائيندا. پريس ڪانفرنس دوران سندس ڀيڻ پڻ چيو ته پوليس اهلڪار دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته معاملو خاموشي سان ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون پيون ڏين واضح رهي ته ڌاٻيجي پوليس خلاف اڳ به اهڙا الزام لڳندا رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترائي شهري شڪايتون داخل ڪرائي چڪا آهن، پر ڪيترن ئي شڪايتن جي جاچ اڌوري رهجي وئي، زوهيب لوڌي ۽ سندس ڀيڻ مطالبو ڪيو ته سنڌ جي آءِ جي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان معاملي جو نوٽيس وٺي غيرجانبدار جاچ ڪرائين ته جيئن انصاف ٿي سگهي