گھارو(ن پ ا) گھاري جي صحافي کي مبينا ڌمڪيون ملڻ لڳيون آهن جڏهن ته پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ صحافي مخدوم عابد قريشي پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ نيشنل پريس ڪلب گھارو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي هن پاڻ ۽ پنهنجي ٻارڙن جي جان کي خطري ۾ ٻڌائيندي انصاف جو مطالبو ڪيو. مخدوم عابد قريشي چيو ته سندس ڀاءُ مخدوم عبدالخالق عرف پپو قريشي کي 15 مهينا اڳ بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، جنهن جو ڪيس گھارو ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. پوليس هن وقت تائين رڳو هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، جڏهن ته ٻه اهم جوابدار اڃا تائين سرعام آزادي سان گهمي رهيا آهن هن ٻڌايو ته انهن قاتلن جا ڀائر ۽ ساٿي بنا ڪنهن ڊپ جي گھارو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات جو ڪاروبار هلائي رهيا آهن، جنهن سبب مقامي ماڻهو به پريشان آهن مخدوم عابد قريشي ٻڌايو ته کيس ۽ سندس خاندان کي انهن ماڻهن طرفان واٽس ايپ ذريعي موتمار ڌمڪيون موڪليون پيون وڃن، جنهن ڪري هو ۽ سندس ٻارڙا انتهائي خوف ۽ ذهني پريشاني ۾ مبتلا آهن هن وضاحت ڪئي ته 15 جون تي ٺٽو ۾ ماڊل پوليس اسٽيشن جي افتتاح دوران پريس بريفنگ ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار کي پاڻ شڪايت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته منشيات ۾ ملوث قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جنهن تي گهرو وزير حڪم به جاري ڪيو، پر ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو انهن حڪمن تي اڃا تائين عمل نه ڪيو آهي مخدوم عابد قريشي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته سندس ۽ سندس ٻارن جي حياتي هر وقت خطري ۾ رهندي، جيڪا حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ وڏو چيلينج آهي هن مطالبو ڪيو ته ٻنهي مفرور جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ۽ سندس خاندان کي مستقل بنيادن تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو بنا خوف پنهنجي صحافتي ذميدارين کي جاري رکي سگهي.