گگدامن تي ظلم جاري: رستم ۾ بااثر ڪهاڙي هڻي ڍڳي جو پير وڍي ڇڏيو

0
22
گگدامن تي ظلم جاري: رستم ۾ بااثر ڪهاڙي هڻي ڍڳي جو پير وڍي ڇڏيو
گگدامن تي ظلم جاري: رستم ۾ بااثر ڪهاڙي هڻي ڍڳي جو پير وڍي ڇڏيو

رستم (ن پ ا) رستم ويجھو ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جھنڊو حليلي جتوئي ۾ بااثر فصل جي ڀيل ڪرڻ جو بھانو ڪري ڪھاڙين جا وار ڪري ڳوٺاڻي پکي خان شر جي ڀلوڙ ڍڳي کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻي پکي خان شر ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ظالم شخص پاران سندن ڀلوڙ ڍڳي کي ڪھاڙين جا وار ڪري پير وڍي ڇڏيو آھي، ٻين ھنڌن تي به ڪھاڙيون ھڻي بي زبان جانور کي رتورت ڪيو ويو آهي، پوليس جوابدار خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي.