اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس اڄ سومر ڏينهن منجنهد 3 وڳي ٿيندو، گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندو جنهن سان موجوده پارليامينٽ جي ٻئي پارلياماني سال جي شروعات ٿي ويندي، موجوده صدر آصف علي زرداري جو موجوده پارليامينٽ کي هي ٻيو خطاب هوندو، ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري 18 اپريل 2024 تي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪيو هيو، صدر پهريون گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب رڳو ٽيويھه منٽ تائين ڪيو هيو جنهن دوران اپوزيشن اسپيڪر ڊائيس سامهون گڏ ٿي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعري بازي ۽ هنگامو ڪيو هيو، آصف علي رداري سخت احتجاج ،گوڙ ۽ نعرن جي گونج ۾ پهريون خطاب مڪمل ڪيو هيو. هن ڀيري به اپوزيشن پاران احتجاج جو امڪان آهي.