اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو ) وزير اعظم شھباز شريف جي مشوري تي صدر آصف زرداري گڏيل مفادن واري ڪائونسل يعني سي سي آءِ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري، پاڻي ، گيس ،تيل آدمشماري ، خودمختيار اٿارٽين جي مامرن سوڌو اهم مامرن بابت فيصلا ڪرڻ جو آئيني طور بااختيار 8 رڪني  سي سي آءِ ۾ پنجاهه سيڪڙو ميمبر اڪيلي پنجاب مان مقرر ، ڪي پي ڪي مان ٻه جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان مان سي سي آءِ ۾ رڳو هڪ ميمبر آھي تفصيل موجب وزير اعظم جي سفارش تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 153 تحت گڏيل مفادن واري ڪائونسل يعني سي سي آءِ  جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ سي سي آءِ سيڪريٽريٽ سي سي آءِ جي جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سي سي آءِ سيڪريٽريٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري ابو ظفر صديق جي صحيح سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن مطابق 8 رڪني سي سي آءِ جي ميمبرن ۾ پنجاهه سيڪڙو يعني چار ميمبر رڳو اڪيلي پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ مقرر ڪيا ويا آھن جن ۾ سي سي آءِ جي چيئرمين طور وزير اعظم ، پنجاب سان تعلق رکندڙ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ، بچاءَ جو وفاقي وزير خواجا آصف ۽ پنجاب جي وڏي وزير طور مريم نواز شامل آھن، سي سي آءِ ۾ ڪي پي ڪي صوبي سان تعلق رکندڙ ميمبرن جو تعداد 2 آھي جن ۾ سيفران جو وفاقي امير مقام ۽ ڪي پي ڪي جو وڏي وزير طور علي امين گنڊاپور شامل آھن جڏهن ته سي سي آءِ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان صوبي مان ترتيب واري سنڌ جي وڏي وزيرمراد علي شاهه ۽ سرفراز بگٽي کي بلوچستان جي وڏي وزير طور ميمبر مقرر ڪيو ويو آھي ، آئيني طور تيل ،گيس، پاڻي مامرن، ريگيوليٽري اٿارٽين، آدمشماري، ريلوي سميت اهم مامرن بابت فيصلا ڪرڻ جو اختيار رکندڙ طاقتور ترين اداري سي سي آءِ جي 8 ميمبرن مان رڳو پنجاب مان چار ميمبر مقرر ٿيڻ ڪري پنجاب جي مرضي خلاف سي سي آءِ ڪو به فيصلو نه ڪري سگهندي جڏهن ته ڪي پي ڪي مان ن ليگ سان تعلق رکندڙ امير مقام جي مقرري سبب سي سي آءِ مان ن ليگ حڪومت اڪثريت راءِ سان مرضي جا  فيصلا ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آھي جڏهن ته سي سي آءِ ۾ پرڏيهي مامرن جي وزير  اسحاق ڊار کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آھي. پر ناڻي وزير محمد اورنگزيب کي  سي سي آءِ جو ميمبر مقرر نه ڪيو ويو آھي،  گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ 25 مارچ تي ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنھن تحت 8 رڪني ڪائونسل جو چيئرمين وزير اعظم ھوندو. بلوچستان، خيبرپختونخوا پنجاب ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ، وزير خارجه اسحاق ڊار، وزير دفاع خواجه آصف ۽ وزير سيفران امير مقام کي ميمبر طور ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آھي. نئين جوڙيل سي سي آءِ  نگران دور جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جاءِ وٺندي. نگران دور ۾ جڙيل سي سي آءِ  ۾ نگران وزير اعظم ، ناڻي جي وزير   ڊاڪٽر شمشاد اختر، وزير قانون عرفان اسلم ۽ فواد حسن فواد ۽ چئني صوبن جا نگران وڏا وزير ميمبر طور  شامل ھئا.