ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو. ڪائونسل جي سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته آئين تحت سي سي آءِ جو اجلاس 90 ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو گهرائڻ لازمي آهي پر  14 مهينن کان اجلاس نه سڏايو ويو آهي توانائي، پاڻي جي ورڇ ۽ اقتصادي رابطن جي مسئلن جي ڪري اجالس سڏائڻ ضروري آهي جنهن سان آئين جي گهرج به پوري ٿي ويندي. ان ڪري جيترو جلد ٿي سگهي ڪائونسل جي 52هين گڏجاڻي طلب ڪئي وڃي.