گڏيل قومن صحافي ارشد شريف جي پراسرار موت جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
329


ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) گڏيل قومن جي اداري به پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي پراسرار موت جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي

گڏيل قومن جو چوڻ ھو تھ پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي پراسرار موت جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪرايو

سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون پاڪستاني صحافي جي  موت جي المناڪ رپورٽ ڏٺي آهي، منهنجي خيال ۾ ارشد شريف جي موت جي سببن جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪرائڻ جي ضرورت آهي

 ڪينيا جي اختيارين يقين ڏياريو آهي ته هو معاملي جي شفاف جاچ ڪرائيندا، واقعي جي جاچ مڪمل ڪري اصل حقيقتون منظرعام تي آنديون وڃن، گذريل ڏينهن آمريڪا به ڪينيا کان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو

ھي به پڙھندا

حڪومت جو ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي جاچ جو اعلان

صحافي ارشد شريف جو مڙھ خانگي هوائي اڏام ذريعي ڏيهه پهچايو ويو