حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عالمي گڏيل قومن واري اداري يو اين او پاران سسٽينس ايبل ڊيولپمينٽ گول (گڏيل پائيدار ترقي) جي موضوع تي حيدرآباد ۾ سماجي تنظيم جي آفيس ۾ هڪ ويهڪ ٿي گذري. ويهڪ ۾ سياسي، سماجي، مذهبي ڌرين سميت اقليتن تنظيمن جي اڳواڻن، شاگردن، وڪيلن، صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ويهڪ ۾ تشدد، صفائي، بنيادي سماجي خدمتن تائين پهچ جي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن واري اداري جي ريزيڊنٽل ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس چيو آهي ته هن قسم جي ڳالهه ٻولهه سان يو اين او کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي ته انهن جا مسئلا ڪهڙا آهن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون انهن مسئلن اوليت جي بنيادن تي ڏسن ٿيون ۽ مقامي ماڻهو اسان سان ڪهڙي نموني گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته مقامي اڳواڻن کي اسان بنيادي سماجي خدمتن تائين رسائي، صنفي مساوات، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، پائيداري ترقي ۽ گڊگورننس بابت سرگرم ڪريون.