اسلام ڪوٽ (ن پ ا) سنڌ اسيمبلي جي ميمبر قاسم سراج سومري جي سربراهي ۾ گڏيل قومن جي ادارن ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن، يو اين ايف پي اي، يو اين وومين، يو اين آر سي او ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام وفد ٿر فائونڊيشن طرفان بلاڪ ٽو ۾  اڏايل ماڊل ڳوٺ نيو سينهري درس ۾ قائم اسڪول جو دورو ڪيو، جتي هنن استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪئي، وفد بلاڪ ٽو جي ڳوٺ مانسنگهه ڀيل ۾ جاري چوپائي مال جي وئڪسين ۽ جيت مار دوا لاءِ لڳايل ڪئمپ ۽ آر او پلانٽ جو به دورو ڪيو، ان کانپوءِ وفد اسلام ڪوٽ ۾ قائم ٿر فائونڊيشن اسپتال جو دورو ڪيو ۽ مقامي آبادي کي ملندڙ مفت صحت جي سهولتن جو جائزو ورتو.  جنرل مينيجر ٿر فائونڊيشن فرحان انصاري وفد کي آگاهي ڏني ته ٿر فائونڊيشن 28 اسڪول يونٽس ذريعي پنج هزار ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪري رهي آهي، ٿر بلاڪ ٽو سميت مختلف ڳوٺن ۾ 23 آر او پلانٽ وسيلي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي،  صحت جي پنج مرڪزن ۽ ٻن موبائل هيلٿ يونٽ وسيلي  صحت جون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن، ٿر فائونڊيشن طرفان مقامي آباديءَ جي سمورين بنيادي ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي. وفد ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ  ٿر فائونڊيشن جي کنيل قدمن کي ساراهيو. گڏيل قومن جي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي سينيئر پروگرام مئنيجر زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ وارن شعبن ۾ ٿر فائونڊيشن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. دوري جي موقعي تي گڏيل قومن جي وفد ٿر فائونڊيشن اسپتال ۾ ٻارن کي پوليو جا قطرا پڻ پياريا.