تل ابيب(م ڊ) اسرائيل گڏيل قومن طرفان غزا ۾فوري  جنگبندي وارو ٺهراءَ رد ڪندي چيو ته حماس کي ائين ختم ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا  جيئن دنيا نازين ۽ داعش سان ڪيو هو. ٻئي پاسي فلسطيني وزيراعظم محمد اشتيي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل سمجهي ٿو ته هو مزاحتمي تحريڪ حماس کي ختم ڪري ڇڏيندو ته ائين نه ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي فلسطين جي وزيراعظم محمد اشتيي چيو ته حماس فلسطيني سياست جو اهم حصو آهي، سندس حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن. هوڏانهن گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني نمائندي منير اڪرم خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي، هو فلسطين ۾ اسرائيلي حارحيت جي مذمت ڪن ٿا.منير اڪرم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل فلسطينين جا حق لتاڙي رهيو آهي، حملا فوري طور تي بند ڪيا وڃن، ميمبر ملڪن کي فلسطيني شهرين جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو.