ابو ظهبي (م ڊ) گڏيل عرب  امارات ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاڪستانين تي ويزا پابندي لڳي وئي، پاڪستان طرفان خبرن جي ترديد ڪري چڏي،  پاڪستاني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته ميڊيا رپورٽن ۾ ڪيل دعوائون حقيقتن جي ابتڙ آهن. سفارتخاني طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ مضبوط ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئي حڪومتون سرڪاري چينلز ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. پاڪستاني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اماراتي اختيارين سان ويجهو سهڪار جاري رکنداسين.