نوشهره (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻي آهي ته پوءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيالا عام چونڊن لاءِ تيار آهن، مخالفن کي چئون ٿا ته اوهان پنهنجي منشور ۽ ووٽرز جي آڌار تي اليڪشن وڙهو، سرڪاري مشينري ۽ انتظاميا جي زور تي چونڊون وڙهڻ درست ناهي. نوشهره ۾ ورڪرز  ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته جيڪڏهن اليڪشن کان اڳ ئي نتيجا سامهون اچڻا آهن ته پوءِ پولنگ تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس عام چونڊون صاف ۽ شفاف يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن، ائين نه ٿيو ته هڪ پارٽي ڪامياب ٿي ويندي ۽ ٻي ڌانڌلي جا الزام هڻندي. بلاول چيو ته هڪ وزير اعظم ٿي ويندو ته ٻيو ڌانڌلي جا الزام هڻي ڌرڻا هڻندو، ملڪي مسئلن کان ڇوٽڪاري جو واحد حل صاف ۽ شفاف اليڪشن آهي. هن چيو ته هڪڙا ته جيل ۾ آهن ٻيا چون ٿا ته اسين ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ماڻينداسين. انهن لاءِ لاهور ۾ جلسو به ڪرايو ويو. هن چيو ته اهي ماڻهو ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ  ترميم به ڪرائيندا. هن عوام کي چيو ته عوام انهن کي اهڙو جواب ڏئي جو انهن جا نسل ياد رکن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جيالا جاڳي پيا آهن ۽ چونڊن لاءِ تيار آهن، جيالا چونڊن کان ڀڄن نه پيا پر چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهن، جيالا پنهنجي نظريي تان پوئتي نه هٽندا. نوشهرا ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي مسئلا ۽ ڏکيائيون آهن، ڪٿان شروع ڪيان؟ مهانگائي تاريخي سطح تي پهچي چڪي آهي، بيروزگاري ۽ غربت تاريخي سطح تي آهي، اسلام آباد کي ڪا پرواهه ناهي، دهشتگردن کي هتي آڻي آباد ڪيو ويو، نقصان پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي، ڪڏهن پوليس ته ڪڏهن فوج تي حملو ٿو ٿئي هن چيو ته اسان کي سڀني مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي، پ پ پنهنجو نه ملڪ ۽ عوام جو سوچيندي آهي، سڀني مسئلن جو حل صاف شفاف چونڊن ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس ضمانت ڏين ته 8 فيبروري جي چونڊن تي ڪير آڱر نه کڻي، اسان کي صاف شفاف چونڊون گهرجن، صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ته ملڪ جو نقصان ٿيندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف رڳو اميرن جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿو، هو ٻڌائي ته ڪيترن ماڻهن کي روزگار ڏنائين؟ مزدور جي پگهار ڪيتري مقرر ڪيائين؟ چون ٿا ته اسان جي ڳالهه ٿي وئي آهي.