خانپورمهر(ن پ ا) خانپورمهر لڳ ڪافي سالن کان جهيڙيندڙ  گڏاڻي ۽ پتافي ڌرين جي 16 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، خانپورمهر پوليس پاران ڪافي سالن کان زمين جي مالڪي تان جهيڙيندڙ گڏاڻي ۽ پتافي برادري جي ماڻهن مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، سرڪار پاران جمعدار ضمير لاکو جي فرياد تي پتافي ڌر جي 8 ڄڻن، جڏهن ته گڏاڻي ڌر جي 5 سڃاتل ۽ 3 ان سڃاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، خانپورمهر ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ پتافي ڌر جي لقمان، طالب، وارث پتافي نظير، منظور، دين محمد، عبدالجبار ۽ محرم پتافي کي نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ گڏاڻي ڌر جي طارق عزيز، الهرکيو، ڪريم بخش، رفيق گڏاڻي، شير افضل سميت 3 نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڄ ڳوٺ محمد گڏاڻي ۾ زمين جي معاملي تان پتافي ۽ گڏاڻي برادري هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اطلاع تي پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي جڏهن تہ فائرنگ سبب علائقي ۾ فائرنگ سبب دهشت ڦهلائي وئي، پوليس موجب، علائقي ۾ خوف ۽ دهشت ڦهلائڻ جي جرم ۾ ٻنهي ڌرين جي جوابدارن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته ڌرين ۾ ڪافي سالن کان زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ ڪجهه زخمي ٿي چڪا آهن.