ملير (رپورٽ : ناز شر) ملير جي گڏاپ  ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي  مالي سال 2025.26 ع  جي 4 لک 80 هزار  211 رپين جي بچت واري بجيٽ پيش،آمدني جو ڪاٿو 3 ارب 99 ڪروڙ 54 لک 45 هزار 380  ۽ خرچن جو ڪاٿو 3 ارب 99 ڪروڙ 49 لک 65 هزار 169 رپيا لڳايو ويو،  ٽائون چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو ته او زيڊ ٽي ۽ ٽائون جي آمدني مان  3 ارب 59 ڪروڙ 49 لک  45 هزار رپيا آمدني ٿيندي، هيل ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ارب 39 ڪروڙ 65 لک 50 هزار رپيا رکيا ويا آھن جن مان پيئڻ جي پاڻي لاء 31 ڪروڙ، روڊن جي تعميرلاءِ 9 ڪروڙ 50 لک، سيوريج لاء 12 ڪروڙ،  بلڊنگس جي تعمير لاء 4 ڪروڙ، اسٽريٽ لائيٽن لاءِ 2 ڪروڙ 50 لک رپيا، فلاح بهبود لاءِ 8 ڪروڙ 78 لک، سالڊ ويسٽ لاءِ 50 لک،  پارڪن لاءِ هڪ ڪروڙ 52 لک ۽ جاري ترقياتي ڪمن ۽ بقايائن لاءَ 67 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آھن، هن چيو ته ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي ادائگي لاء هڪ ارب 78 ڪروڙ 53 لک 53 هزار 169 رپيا رکيا ويا آهن.