گڊو (ن پ ا) گڊو ٿاڻي ڀرسان امن سٽي وٽان چار ورھين جو معصوم انور علي ولد شير گل پٺاڻ کي موٽر سائيڪل سوار ھٿيار بند اغوا ڪري ويا. ايس ايڇ او گڊو اظھر شاھ ڪال اٽينڊ نه ڪئي، وڏي منشي سکيو خان ملڪ تفصيل ٻڌائندي چيو ته وارثن جي اطلاع تي ڏوھارين جو پيڇو ڪيو درياءَ تائين وياسين پر ڏوھاري اسان کان اڳ ڇني پتڻ وٽان درياءَ ڪراس ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ھوڏانھن والد شير گل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پٽ پنھنجي گھر ٻاھران ڀاءُ سان گڏ راند کيڏي رهيو ته کيس موٽرسائيڪل سوار هٿياربند کڻي ھوائي فائرنگ ڪندا پراڻي شاھي واھ وٽان پوليس چوڪي ڪراس ڪري باآساني ڪچي طرف فرار ٿي ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس اسان کي آسرو ڏنو آھي ته توھان احتجاجن روڊ بند نه ڪيو اسان کي ڪجهه ڏينھن جو وقفو ڏيو اسان توھان جو نينگر جلد بازياب ڪرائي ڏيندا سين جنھن بعد پوليس ۽ وارث ڪچي مان واپس موٽي آيا.