گڊو(ن پ ا) گڊو ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ ۽ سنڌ سرڪار جي سهڪار سن گڊو جي واپڊا ڊگري ڪاليج گڊو ۾ 3 ڏينهن جو اسپورٽس فيسٽيول ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڪرڪيٽ، هاڪي، فٽ بال، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن، جا مقابلا ڪرايا ويا، گيمن ۾ ڪشمور ضلعي سميت سنڌ ۽ پنجاب جي رانديگرن حصو ورتو، هاڪي جي مقابلي ۾ گڊو هاڪي ڪلب، خان هاڪي ڪلب کي هڪ جي ڀيٽ ۾ 3 گول ڪري هارائي ڇڏيو، ڪرڪيٽ ۾ گڊو اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم ڊگري ڪاليج جي ٽيم کي 6 وڪيٽن کان شڪست ڏئي ڇڏي، فٽ بال ۾ اقبال اسپورٽس رحيم يان خان، گڊو جي ڊي ايف اي کي 4 گول کان هارائي ڇڏيو، ٻي پاسي ٽيبل ٽينس ۾ وپڊا ٿرمل جي عبدالحميد ڪاميابي ماڻي، مشعل ڊگري ڪاليج جي پرنسيپال  عمران خان نوناري پروگرام جي مهمان خاص پرنسپال گڊو ڊگري ڪاليج واقف احمد کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، ان موقعي تي مهمان خاص واصف احمد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران گڊو ۾ اهڙو بهترين پروگرام ڏنو آهي، جنهن ۾ نوجوانن ڀرپور انجواء ڪيو آهي، اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجي گڊو جتي رڳو خوف وري صورتحال هئي، اڄ نوجوان راند ڪري خوف ختم ڪيو آهي، ٻي پاسي آغا گل رباني چيو ته سنڌ سرڪار جا ٿورائتا آهيون جن ڪشمور ضلعي جي گڊو کي اهڙو ايونٽ ڪرائڻ جو موقعو ڏنو، گڊو ۾ اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن جنهن سان سنڌ جو ٽيلنٽ به ٻاهر نڪري سگهي ٿو سنڌ نوجوان به راندين ۾ ٻين صوبن جي رانديگرن کان گهٽ ناجي ڪمي آهي ته سٺي پروگرامن جي، آخر ۾ رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويا.