گڊو (رپورٽ:محمد علي ڪلوڙ) واپڊا ٿرمل پاور ھائوس مان ڪيبل چوري جي ڪيس ۾ نامزد سڙي زخمي ٿيل سيف الله ملڪ،  ظهور ملڪ ۽ ستار شر ملتان جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويا  آهن، ٽي ڏينھن اڳ رات جي وقت گڊوٿرمل پاور ھائوس جي 11ھزار هاءِ ٽرانسميشن لائين جي ڪيبل چوري ڪرڻ وقت باھ لڳي وئي ھئي، باھ لڳڻ ڪري ڪيبل چوري جي الزام هيٺ آيل چار ڄڻا عاشق ملڪ، سيف الله ملڪ، ظھور ملڪ ۽ ستار شر زخمي ٿي پيا ھئا،  فوت ٿيل ٻن ڄڻن سيف الله ملڪ ۽ ستار شر جا لاش ملتان کان گڊو پھچڻ بعد وارثن گڊو ٿاڻي آڏو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  فوت ٿيلن جي وارث شريف ملڪ جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوانن کي سيڪيورٽي گارڊن شڪ جي بنياد تي پڪڙي يرغمال بڻائي بجلي جا ڪرنٽ ڏئي ساڙيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته واپڊا عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

چوري ناهي ڪئي، سيڪيورٽي گارڊن ساڙيو: فوتين جي آخري ڳالهه

گڊو:سڙي زخمي ٿيل عاشق ملڪ ۽ ٻين پنھنجي وڊيو بيان ۾ پڻ الزام لڳائيندي چيو هو ته   اسان کي سيڪيورٽي گارڊن باھ ڏئي ساڙيو آھي. باهه لڳڻ بعد اسان کي سڪيورٽي گارڊن پڪڙي بجلي جا ڪرنٽ ڏنا اسان کي ڪرنٽ ڏئي ساڙي زخمي ڪرڻ بعد پوليس جي حوالي ڪيو ويو.

گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ باهه ۽ ڪيبل چوري جو 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

گڊو: گڊو ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس سرڪاري فرياد تي ايڇ سي نورحسن ڇڄڻ جي فرياد تي گڊو ٿرمل پاور هائوس جي ايڊمن آفيسر شيرشاھ، گڊو ٿرمل پاور هائوس جي اليڪٽريڪل انجنيئر ماجد گولو، واپڊا ڪالوني جي لائين سپريڊنٽ عطا رسول، واپڊا سيڪيورٽي جي انٽيليجنس انچارج معين خان پٺاڻ، شفيق ڏھر سڙي زخمي ٿيل عبدالستار شر، عاشق ملڪ، ظھور عرف مکڻو ملڪ سميت 9 کان وڌيڪ جوابدارن خلاف گڊو ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي گناھ نمبر 59/2024 تحت داخل ڪيو ويو.

گرڊ اسٽيشن مان 11 هزار ڪي وي تارون چوري بعد باهه لڳي،  جوابدار سڙي زخمي ٿيا: گارڊ

گڊو: پاور ھائوس جي سيڪيورٽي گارڊن پوليس کي پنھنجو موقف ڏيندي ٻڌايو ته گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 600 ميگاواٽ جي گرڊ اسٽيشن مان 11 ھزار ڪي وي لائين جون تارون چوري ڪرڻ دوران اسپارڪنگ سبب تارن ۾ باھ لڳڻ سبب چوري ڪندڙ جوابدارن مان 3 جوابدار ستار شر، ظھور ملڪ، عاشق عرف مکڻو ملڪ سڙي سخت زخمي ٿي پيا ھئا، جڏهن ته تارن کي باھ لڳڻ بعد ٻيا جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، واقعي بعد گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ ڊيوٽي تي ويٺل  سيڪيورٽي انتظاميا معرفت پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن تي گڊو پوليس موقعي واري ھنڌ پھچي بجلي جي ڪرنٽ ۾ سڙي زخمي ٿيل 3 جوابدارن کي تعلقي اسپتال ڪشمور کڻائي وئي ھئي

فوتين جي آلين اکين سان تدفين، سڙي زخمي ٿيل  نوجوان جي حالت خراب

گڊو: واقعي ۾ فوت ٿيل ٻنھين ڄڻن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، وارث پنھنجي ڳوٺ ڀٽي پاڙي ۾ لاش کڻائي ويا، جنازي نماز بعد فوتين کي آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته وارثن جو زخمي عاشق ملڪ بابت ٻڌايو ته نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي جيڪي پنجاب جي شھرملتان جي اسپتال ۾ داخل آهن.