گڊو(رپورٽ محمد علي ڪلوڙ)گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي 600 ميگاواٽ جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي ٿيڻ سبب بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ بند ٿي ويا، ملڪ جي وڏي بجلي گھر ۾ بجلي جي پيداوار زيرو ٿي وئي، جنهن سبب گڊو ٿرمل پاور ھائوس مان سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪوئيٽا، سبي، ملتان، فيصل آباد، سکر لاڙڪاڻو سميت مختلف علائقن ڏانهن بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي، جڏھن ته بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ بند ٿيڻ بعد گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جنهن بعد گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي انتظاميا گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ پھچي فالٽ جي ڳولا ڪندي رھي جڏھن ته گڊو ٿرمل پاور ھائوس جا بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿيڻ بعد يونٽن اندر انڌيرو ھجڻ سبب فالٽ ڳولڻ ۾ تڪليف پيش اچي رھي ھئي جنھن بعد گڊو ٿرمل پاور هائوس جي انتظاميا متبادل رستي ذريعي گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي بجلي بحال ڪرائي ڇڏي جڏهن ته مسلسل 10 ڪلاڪ گذرڻ باوجود گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ فالٽ ملي نه سگھيو ھو جڏھن ته رابطو ڪرڻ تي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر صبيع الزمان ٻڌايو ته گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ ڪٿي فالٽ نه ٿيو آهي اين ٽي ڊي سي جي ھاءِ ٽرانسميشن لائينن ۾ فالٽ ٿيڻ سبب اسان جا يونٽ ٽرپ ٿي ويا آھن اين ٽي ڊي سي پاران ٿيل فالٽ ٺيڪ ڪرڻ بعد اسان جا يونٽ بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا، اين ٽي ڊي سي انتظاميا پاران ڪيتري دير ۾ فالٽ جي ڳولا ڪري ٺيڪ ڪرڻ بعد ٻڌائي نٿو سگهان اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش آھي ته فالٽ ڳولھي بجلي جي بحالي کي ممڪن بڻائي سگھون ۔

اسلام آباد/لاهور/ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيشنل گرڊ ۾ خرابي سبب ڪراچي سوڌو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائو ٿي ويو. ذريعن موجب نيشنل گرڊ ۾ خرابي سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بجلي فراهمي بند ٿي وئي، جڏهن ته سنڌ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪينپ نيوڪليئر پلانٽ جي بجلي به سسٽم مان نڪري وئي ۽ ملتان کان هيٺئين پنجاب ۾ به بجلي سسٽم مان نڪري وئي آهي. ذريعن موجب نيشنل گرڊ ۾ خلل سان 6 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم مان نڪتي، جنهن جي بحالي لاءِ آپريشن جاري آهي. واپڊا جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر موجب بريڪ ڊائون سبب سڄي سنڌ ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي. واپڊا ذريعن موجب گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ به فني خرابي ٿي، جنهن سان 832 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ 6 يونٽ ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب کي گڊو ٿرمل پاور هائوس مان بجلي فراهمي معطل ٿي وئي. هوڏانهن توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ڏاکڻي ٽرانسميشن سسٽم ۾ حادثاتي خرابي ٿي آهي، جنهن سبب ڪيترائي پاور پلانٽ مرحلي وار ٽرپ ٿي رهيا آهن، پاور پلانٽ ٽرپ ٿيڻ سان ملڪ کي ڏاکڻي حصي ۾ بجلي جي پهچ ۾ رنڊڪ اچي رهي آهي. وزارت چيو ته جي ايم ٽيڪنيڪل اين ٽي ڊي سي جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، بليڪ آئوٽ جو جائزو ورتو پيو وڃي. هوڏانهن واپڊا جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته آيل خرابي سبب سنڌ صوبي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ به بجلي بند رهي، بلوچستان جي لڳ ڀڳ 28 ضلعن ۾ بجلي بند ٿي وئي، هوڏانهن بجلي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٽرانسميشن سسٽم ۾ حادثاتي خرابي سبب ملڪ جي ڏاکڻن علائقن ۾ پاور پلانٽ مرحليوار ٽرپ ٿيندا رهيا، جنهن ڪري ملڪ  جي ڏاکڻين علائقن ۾ بجلي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آئي، آيل خرابي کي بجلي وزارت جلد کان جلد درست ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ٻئي طرف توانائي جي وفاقي وزير خرم دستگير خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪالهه خميس ڏينهن صبح جو 9 لڳي 16 منٽن تي ٽن پاور پلانٽن جي ٽرانسميشن لائين ۾ خرابي آئي، اها حيرت جي ڳالهه آهي، في الحال خرابي جا سبب معلوم نه ٿيا آهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ڪوئيٽا ۾ بجلي جي فراهمي مڪمل طور تي ملتان ۾ جزوي طور تي بند ٿي، خرابي کي دور ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي، ڪراچي مان بجلي جي ٽرپنگ جي شروعات ٿي، ان مامري جي جاچ ٿي رهي آهي، جنهن رپورٽ جي روشني ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي، آيل خرابي سبب 8 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم مان نڪري وئي هئي، جنهن مان 4 هزار ميگاواٽ بجلي بحال ڪئي آهي، ان مامري بابت جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي 4 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.