گڊو(ن پ ا) گڊو ويجھو پنجاب جي علائقي چوڪ سويترا ۾ سرن جي بٺي تي چمني جي صفائي ڪرڻ دوران ساھه ٻوساٽجڻ ڪري 2 مزدور امير بخش، خان محمد فوت ٿي ويا، جڏھن ته ھڪ ڄڻو شھباز کي بيھوشي جي حالت ۾ ٻاھر ڪڍيو ويو، اطلاع تي ريسڪيو ٽيم پھچي فوت ٿيل ۽ بي ھوش ٿيل کي ريسڪيو ذريعي تعلقه اسپتال صادق آباد منتقل ڪيو ويو آھي، ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا، مڙھه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.