گڊو (ن پ ا) بئراج وٽ پاڻي سطح ۾ لاٿ جو سلسلو جاري، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ گڊو بيئراج وٽ 5 هزار 138 ڪيوسڪ جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آھي، ھن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 33 هزار 898 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 15 هزار 359 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو ويو آھي،گڊو بئراج  مان نڪندڙ  ڊزرٽ پٽ فيڊر ۾ 8 هزار 153 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي ۽ بيگاري سنڌ فيڊر ۾ 2 هزار 575 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي، جڏھن ته گهوٽڪي فيڊر ۾ 7 هزار 811 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڇڏيو ويو آهي.