سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌو درياءَ ۾ گڊو بيراج، چشما بيراج ۽ ڪابل ندي ۾ نوشهري وٽ وچولي درجي  جي ٻوڏ ٿي وئي. سنڌوءَ درياءَ جي ٻين بيراجن وٽ به ڪالهه پاڻي وهڪرن ۾ واڌارو ٿيو ۽ انهن بيراجن وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي. تربيلا ڊيم ۾ به رڳو گنجائش 19 فوٽ رهجي وئي. تربيلا ڊيم ۾ ڪالهه پاڻي سطح 1531.51 فوٽ تي پهچي وئي آهي. تربيلا جو مٿاهون وهڪرو وڌي 29000 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 253800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪابل ندي ۾ نوشهري وٽ پاڻي 75600 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي. ڪالاباغ بيراج وٽ مٿاهون وهڪرو 284132 ۽ هيٺاهون وهڪرو 280332 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. چشما بيراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 408117 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 400117 ڪيوسڪ، تونسا بيراج وٽ مٿاهين پاسي 346479 ۽ هيٺاهين پاسي 339479 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. پنجند وٽان به سنڌوءَ ۾ 96352 ڪيوسڪ پاڻي شامل ٿي رهيو آهي. گڊو وٽ مٿاهون وهڪرو 348480 ڪيوسڪ تائين پهچي ويو ۽ هيٺاهون وهڪرو 320178 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪالهه سکر بيراج وٽ مٿاهون وهڪرو 278360 ۽ هيٺاهون وهڪرو 238010 رڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي بيراج وٽ مٿاهين پاسي پاڻي وڌي 158378 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 131221 رڪارڊ ٿيو. منگلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي ذخيرن جي سطح 1154.7 فوٽن تي پهچي وئي آهي. ڪالهه منگلا ڊيم مٿان جهلم دريا ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا 63000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا.