ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گڊز ٽرانسپورٽ الائنس ۽ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۾ڳالهيون ڪامياب: هڙتال جو سڏ واپس ان ڏس ۾ ڪالهه گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي اڳواڻن ملڪ شهزاد جي اڳواڻي ۾ ڪمشنر آفيس پهچي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٽرانسپورٽرن جي اڳواڻ ملڪ شهزاد چيو ته ٻٻرلوءَ باءِ پاس تي 12 ڏينهن واري ڌرڻي سبب 18 ارب کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. 3 ڏينهن اڳ مورو باءِ پاس تي اسان جي ڪجهه گاڏين کي ساڙيو ويو، ڪجهه گاڏين مان سامان چوري ڪيو ويو، اسان جي نقصان جو ازالو نه پيو ٿئي. جنهن تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ گڊز ٽرانسپورٽرن کي يقين ڏياريو ته سندن مسئلا حل ڪري نقصان جو ازالو ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ شهزاد اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ يقين ڏياريو آهي ته ٽرانسپورٽرن جي ٿيل نقصان جو جائزو وٺي ازالو ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا تسليم نه ٿيا ته ٻيهر ملڪ گير هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.