لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي گڏجاڻي سرپرست اعليٰ حاجي ممتاز علي ساريو جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ صدر مشتاق علي عباسي، جنرل سيڪريٽري احمد رضا شيخ، امير علي ڀٽو، سيد ڪامران حيدر شاهه، مهر علي کهاوڙ، عبدالحنان ميمڻ، مراد علي شاهه، امداد علي لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو طرفان نئوديرو باءِ پاس تي گڊس ٽرانسپورٽ جون ٽرڪون، ڪنٽينر ۽ مزدا صبح کان شام تائين روڪڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته 6 جنوري کان گڊس ٽرانسپورٽ طرفان شهر اندر مڪمل سپلائي بند ڪئي ويندي.