گپچاڻي (ن  پ ا) گپچاڻي ڀرسان خوراڪ کاتي جي ٽيم جو پيڊي تي ڇاپو، ڪڻڪ هٿ، واپارين ۽ شھرين پاران عملدارن جو گهيراءُ، ڇڪتاڻ، پروٽوڪول ۾ آيل پوليس وارا کسڪي ويا، خبرموجب سرورآباد ۾  ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ جبار ڏاهري ۽ ڊي ايف سي منورآرائين جي اڳواڻي ۾ واپاري جئي ڪمار جي پيڊي تي ڇاپو هڻي 150 ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪري ورتيون، جڏهن ته ڇاپي دوران واپارين ۽ شھرين عملدارن جو گهيراءُ ڪري ورتو، جنهن ڪري ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته خوراڪ کاتي ٽيم سان گڏ آيل نواب شاھ ۽ گپچاڻي جي پوليس کسڪي وئي، بعد ۾ فوڊ عملدار واپاري سان ڳالهيون ڪري 50 ٻوريون ڪڻڪ جون کڻي ويا، هوڏانهن واپاري جئي ڪمار ٻڌايو ته اسان خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ ڏني هئي، هي ڪڻڪ جون ٻوريون امانت رکيل آھن، پر ان جي باوجود عملدار زبردستي کڻي ويا آھن، ٻئي پاسي ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ٻڌايو ته اطلاع تي ڇاپو هڻي 150 ٻوريون هٿ ڪيون، وڌيڪ ڪارروائي بعد ۾ ڪئي ويندي،