گپچاڻي (ن  پ ا) گپچاڻي ڀرسان 5 ڏينھن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل زميندار جو کٻڙن جي وڻن مان لاش هٿ، قتل جو شڪ، ان ڏس ۾ 5 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل ڳوٺ سيد محمدشاھ جي رهواسي زميندار سيد علي مرتضيٰ  شاھ جو گھر ٻاھران کٻڙن جي وڻن  مان لاش هٿ آيو، اطلاع تي ايس ايچ او گپچاڻي واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل م وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن فوتي جي پٽ  سيد يوسف شاھ ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي، بابا 5 ڏينھن اڳ رات جو واڪ لاءِ  نڪتو ھو، سندس ڏاڍي ڳولا ڪئي پر  اڄ سندس لاش مليو آھي، هن چيو ته  خدشو آھي ته بابا  کي قتل ڪيو ويو آھي، ٻي پاسي ايس ايچ او منير جتوئي ٻڌايو  لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.