گپچاڻي (رپورٽ: نزاڪت گپچاڻي) گپچاڻي ويجھو بااثرن پيرسن جو لاش قبرستان ۾ دفنائڻ نه ڏنو؛ ٿاڻي آڏو ڌرڻو ، ان ڏس ۾ گپچاڻي ڀرسان رھندڙ قديمي رھواسي ڀيل برادري جو پيرسن ڀريو ڀيل فوت ٿي ويو، جنھن کي سندس وارث مقامي قبرستان ۾ قبر کوٽڻ ويا ته بااثر اعتراض ڪندي قبر کوٽڻ کان جواب ڏئي کين موٽائي ڇڏيو، جنهن بعد فوتي جي وارثن ڌنو ڀيل، مصري مانجھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاش گپچاڻي ٿاڻي آڏو رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانيهندي چيو ته اسين وڏي عرصي کان ھتي رھون ٿا، بااثر پيرسن جي لاش کي دفنائڻ نه ٿا ڏين، اسانجا وڏڙا ھن قبرستان ۾ دفن ٿيل آھن، انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايچ او گپچاڻي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري لاش ساڳئي قبرستان بدران چيزل آباد اسٽاپ لڳ لاش کي پنھنجي نگراني ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرايو، ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل خاصخيلي برادري جي اصغر ٻڌايو ته قبرستان اسان جو آهي، جنهن ڪري اسان اعتراض ڪيو.