ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ) جي پليٽفارم اوپن اي آءِ جي ”جي پي ٽي فور“ گِبلي اسٽائل ۾ تصويرون يعني پورٽريٽ ٺاهڻ وارو فيچر ايندي ئي عالمي سطح تي ڇائنجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، واهپيدار چيٽ جي پي ٽي تي ڌڙا ڌڙ تصويرون اپلوڊ ڪري رهيا آهن ۽ تصويرن کي مخصوص اينيمي انداز ۾ تبديل ڪرڻ جو چون ٿا. اصل ۾ هاڻي جي پي ٽي جي نئين فيچر ذريعي تصويرون ”گِبلي آرٽ“ ۾ تبديل ڪري سگهجن ٿيون، اِهو ئي سبب آهي جو سوشل ميڊيا تي گِبلي پورٽريٽ وائرل ٿي رهيا آهن.گِبلي آرٽ جپاني اسٽوڊيو گِبلي جو هڪ خاص انداز آهي، جيڪو 1985ع ۾ هائو ميازاکي، اسائو ٽاڪاهاٽا ۽ توشيو سوزوڪي طرفان قائم ڪيو ويو هو. گِبلي آرٽ ذريعي هٿ سان ٺاهيل اينيميشن تيار ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ تفصيل سان پسمنظر ۽ جذباتي ڪهاڻيون شامل ڪيون وينديون آهن.گِبلي ليبيا ۾ ڳالهائي ويندڙ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي مطلب ” گرم صحرائي هوا “ آهي. گِبلي پورٽريٽ اهڙين تصويرن کي چيو ويندو آهي جنهن کي گبلي اسٽوڊيو جي انوکي انداز ۾ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ هاڻي اوپن اي آءِ جي نئين فيچر ذريعي واهپيدار تصويرون اپلوڊ ڪري انهن کي گِبلي آرٽ ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا.آمريڪا ۾ اٽڪل 72 سيڪڙو ماڻهو باقاعدگي سان جپاني اينيمي ڏسن ٿا، جنهن سبب هي ٽرينڊ تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي. ڀارت ۽ پاڪستان جا سوشل ميڊيا واهپيدار به گِبلي آرٽ ۾ تصويرون شيئر ڪري رهيا، جن ۾ ورات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما، نصرت فتح علي خان ۽ سندس ساٿي، بالي ووڊ فلمي منظرن جون تصويرون شامل آهن. اوپن اي آءِ جي سي اي او سيم آلٽمين موجب، هي فيچر اڃا چيٽ جي پي ٽي جي مفت واهپيدارن لاءِ دستياب ناهي. ها پر گوگل جيمينائي، گروڪ، ڪرائون، ڊيپ اي آءِ ۽ پلي گرائونڊ اي آءِ تي به گِبلي آرٽ تصويرون ٺاهي سگهجن ٿيون پر اِهي جيٽ جي پي ٽي کان مختلف ٿي سگهن ٿيون.