اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ گيس جي کوٽ باوجود هڪ لک 16 هزار کان وڌيڪ نوان گيس ڪنيڪشن ڏيڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. سرڪاري دستاويزن مطابق ايندڙ مالي سال دوران هڪ لک 15 هزار 530 نئين گهريلو گيس صارفين، 550 نئين ڪمرشل گيس صارفين ۽ 350 نئين صنعتي صارفين کي ڪنيڪشن ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايندڙ مالي سال دوران 85 هزار 740 نوان گيس ڪنيڪشن ڏنا ويندا، پنجاب، اسلام آباد ۽ خيبر پختونخوا ۾ ايندڙ مالي سال دوران 30 هزار 530 نوان گيس ڪنيڪشن ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. سوئي ناردرن جي سسٽم تي 30 هزار 530 نوان گيس ڪنيڪشن ۽ سوئي سدرن جي سسٽم تي 85 هزار 740 نوان گيس ڪنيڪشن ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.