ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران سرڪار جنوري 2024ع کان گيس جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو. ان ڏس ۾ ناڻي واري وفاقي  وزير شمشاد اختر ڪالهه هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي توانائي شعبي جي ٽيرف تي نظرثاني کان آگاهه ڪيو ويو آهي، في الحال ريئل اسٽيٽ ۽ ريٽيلرز ( ريزڪي دڪاندارن) سميت مختلف شعبن تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ناهي ٿيو. هن چيو ته ايف بي آر جي 9415 ارب رُپين جي ٽيڪس اوڳاڙي پهرين ترجيح آهي، جيڪڏهن ٽيڪس اوڳاڙي ۾ ڪو شارٽ فال ٿيو ته پوءِ اضافي قدمن بابت سوچينداسين، هن چيو ته حڪومت 1.5 ارب ڊالرن جا انٽرنيشنل بانڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته آءِ ايم ايف  معاهدي کانپوءِ ريٽنگ ۾ بهتري ايندي، جنهن بعد بانڊ جاري ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو، هلندڙ مالي سال ۾عالمي بينڪ مان ارب ڊالرز فنڊ ملڻ جو امڪان آهي، اي ڊي بي، اسلامي ترقياتي بينڪ ۽ ايشيائي انفراسٽڪچر بينڪ وٽان به هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.هن چيو ته پاڪستاني معيشت ۾ بهتر آئي آهي، وڌيڪ بهتري لاءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ رهڻ ضروري آهي.انهي کان اڳ دي فيوچر سمٽ کي خطاب ڪندي هن  چيو ته  آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد مهانگائي ۾گهٽتائي ويندي، هن چيوته اسٽيٽ بينڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 4 ارب مان وڌي7 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، موجوده پروگرام تي عمل کانپوءِ آءِ ايم ايف سان7 ارب ڊالرز جي نئين قسط وٺڻي آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف کان وڌيڪ 700ملين ڊالر وٺڻ  لاءِ اسٽاف ليول معاهدو  ٿيڻو آهي، اسان توانائي واري شعبي ۾ بهتري ۽ خرچ گهٽائڻ بابت پاليسي آڻي رهيا آهيون، سيڙپڪاري جي حاصلات ۽ وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت ٽيڪس اوڳاڙي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ٽيڪس بيس کي وڌائڻ لاءِ جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آهيون، جنهن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ٿيندو، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽئڪس چورن ۽ نان فائلرز جي نشاندهي ۾ آساني پڻ ٿيندي.-