ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صنعتن کي بچائڻ ۽ اضافي بجلي کپائڻ لاءِ تجويز ڏني آهي ته هڪ شفٽ ۾ هلندڙ فيڪٽرين کي ٻي شفٽ هلائڻ جي صورت ۾ سستي بجلي ڏني وڃي، ٿرڪول سڄي ملڪ لاءِ سستي بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو. هن وقت اسان 3000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون اهي بجلي سنڌ ۾ استعمال ٿيڻ بجاءِ سڌي فيصل آباد وڃي رهي آهي. اسان پئسو قومي مفاد جي منصوبن تي لڳايو آهي، جيڪڏهن چاهيون ها ته ميگا پراجيڪٽ ٺاهي انهي تي سياست ڪريون ها پر اسان سڄي ملڪ جو سوچيندا آهيون. هڪ طرف اسان 40 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اسان جي ضرورت 30 هزار ميگاواٽ آهي، اسان عوام کان ڏهه هزار ميگاواٽ جي اضافي اوڳاڙي ڪري رهيا آهيون. مهانگي بجلي سبب صنعتون بند ٿي رهيون آهن، منهنجي تجويز آهي ته جيڪي ڪارخانا 8 ڪلاڪن جي هڪ شفٽ هلي رهيا آهن ،انهن کي ٻي شفٽ هلائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، ٻي شفٽ ۾ کين سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي، جيڪڏهن اسان بجلي سستي ڪئي ته بجلي جي گهرج وڌي ويندي.  اسان کي صنعتي ترقي جي روشني ۾ آءِ پي پيز سان معاهدن کي ڏسڻو آهي. ٿر جو دورو ڪري ڪراچي پهتل لاهور جي صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان 10 سال اڳ چيو هو ته رينو ايبل انرجي پيدا ڪئي وڃي، اسان ٿر جي ڪوئلي جي ڳالهه ڪئي، ان وقت اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي. هن وقت اهي ساڳيا منصوبا ٺهي رهيا آهن، ٿر جو ڪوئلو سڄي ملڪ لاءِ سستي بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو. هن وقت به ٿر مان 3000 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جيڪا نيشنل گرڊ ذريعي فيصل آباد وڃي ٿي. اها بجلي سنڌ استعمال نه پئي ڪري. اسان پنهنجي پيدا ٿيندڙ گيس به استعمال نه پيا ڪريون، جيتوڻيڪ آئين ۾ لکيل آهي ته قدرتي وسيلن تي لاڳاپيل صوبي جو پهريون حق آهي. ٿر ۾ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جو منصوبو وفاقي حڪومت جو هو، جيڪو ڪم نه ڪري سگهيو، هاڻي سندس اثاثا اسان سنڀالي رهيا آهيون، 2014ع ۾ سنڌ حڪومت ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني ٺاهي، انهي ڪمپني نوري آباد کان ڪراچي تائين بجلي جي ٽرانسميشن لائين وڇائي، هاڻي اسان پاور جنريشن ڪمپني ٺاهي آهي، هاڻي سنڌ حڪومت پاڻ بجلي جا اگهه مقرر ڪندي. هن چيو ته اسان ٿر ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي قائم ڪري رهيا آهيون، انهي  ايونيورسٽي جا ٻار ٽيڪنيڪل ڊگري حاصل ڪري اتي ئي ڪم ڪندا، ھن چيو ته 40 سالن کانپوءِ ٿر ڪراچي کان به وڏو شهر هوندو. ڪراچي ۽ لاهور جي ڀيٽ ڪرڻ تي وڏي وزير چيو ته ٻنهي شهرن جي ڊزائين کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. لاهور ۾ ڪراچي جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو وڌيڪ برسات پوندي آهي، تنهنڪري انهي جي جوڙجڪ اهڙِي آهي. ھن چيو ته سنڌ تاريخي طور تي سرسبز هئي دريائن تي بند نه هئا، سنڌ ۾ قدرتي نيڪال جا رستا موجود هئا، سڀ کان پهرين بئراج ٺهيا جن پاڻي کي روڪيو، 1868 ۾ پهريون بيراج ٺهيو، هن وقت جيڪو نارا ڪئنال آهي، اصل ۾ قدرتي لنگهه هو، جڏهن سکر بئراج ٺهيو ته نارا ڪئنال بڻجي ويو، پاڻي جي وهڪرن ۾ رڪاوٽ پڻ موسمياتي تبديلي جو هڪ سبب آهي. ايل بي او ڊي جي اڏاوت سان سڀ قدرتي پاڻي جا رستا بند ٿي ويا. اسان پاڻي جي قدرتي لنگهن کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن توهان قدرت سان ڇيڙڇاڙ ڪندا ته ضرور توهان کي سزا ملندي. هاڻي اسان پاڻي جي قدرتي رستن کي بحال ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي، هر گهر تي ٽي لک رپيا خرچ اچي رهيو آهي. گهر جي اڏاوت ۾ رهواسي پاڻ مزدوري ڪري رهيا آهن. اسان نٿا چاهيون ته ماڻهن جي هيلٿ انشورنس ڪرائي 50 سيڪڙو انشورنس ڪمپنين ۽ خانگي اسپتالن کي ڏيون. اسان چاهيون ٿا ته اهي فنڊ سرڪاري اسپتالن ۾ لڳايا وڃن ته جيئن ماڻهن جو مفت علاج ٿئي، هوڏانهن لاهور جي صهافين سان ڳالهائيندي  سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ  چيو ته  پ پ اظھار راءِ ۽ صحافت جي آزادي تي ڪڏھن بھ سوديبازي ناھي ڪئي، جيتري ميڊيا دوست پيپلز پارٽي جي قيادت آھي اُنهي جوڪٿي بھ مثال نھ ٿو ملي، صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ جرنلسٽس ڪميشن جو قيام به پ پ جي سنڌ حڪومت جو ئي ڪارنامو آھي.