اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شھباز شريف پاران ٽيڪس چورن خلاف ھنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو. وزير اعظم ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي راھه ۾ موجود رڪاوٽن جي نشاندھي ۽ ذميوارن جي تعين لاءِ انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪري ايندڙ ستن ڏينھن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي مڪمل طور فعال بڻائڻ جي نشاندھي ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي. وزير اعظم جو چوڻ آھي ته ڪاميٽي ڪارخانن ۾ ٽيڪس جي خودڪار نظام لاءِ  تجويزون به ڏيندي، وزير اعظم اجلاس ۾ پڇاڻو ڪيو ته ھن وقت تائين ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فعال ڇو ناھي ٿي سگھيو؟ تمباڪو، کنڊ، سيمينٽ، ڀاڻ جي صنعتن ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي مڪمل طور بحال ھجڻ گھرجي ھا. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ کان انڪاري ڪارخانا ترت سيل ڪيا وڃن،  چئني وڏن شعبن کان علاوا اھم شعبن ۾ به سسٽم لڳائڻ لاءِ وزير اعظم پاران لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي وئي. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ کان انڪار ڪندڙن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ، جعلسازي، غير معياري مصنوعات جي روڪٿام لاءِ به سخت قدم کڻڻ جون ھدايت جاري ڪيون. وزير اعظم محمد شھباز شريف جي صدارت ھيٺ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان جائزو وٺڻ لا اجلاس ٿيو. اجلاس کي کنڊ، سيمينٽ، ڀاڻ ۽ تمباڪو شعبن ۾ خودڪاري ٽيڪس نظام جي موجوده صورتحال ۽ ان کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي راھ ۾ موجود رڪاوٽن متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تمباڪو جي 14 وڏن ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مڪمل طور تي فعال آھي. جڏھن ته 12 ڪارخانن کي سسٽم نه لڳائڻ سبب سيل ڪيو ويو آھي. ڀاڻ جي سمورن صعنتن ۾ به ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مڪمل طور تي فعال آھي. کنڊ ۽ سيمينٽ جي خارڪانن ۾ سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ ٽيڪينڪل رڪاوٽن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. جنھن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ گدامن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن. وزير اعظم ھدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان حوالي سان ايف بي آر جي مدد ڪن. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد اورنگزيب، احمد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جھانزيب خان، چيئرمين ايف بي آر ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعلي اختيارين شرڪت ڪئي. هوڏانهن وزير اعظم  شھباز شريف سان پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسئيشن جي وفد  ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته اھڙي وقت اقتدار سنڀاليو آھي جڏھن ملڪ کي تمام گھڻيون مشڪلاتون درپيش آھن، معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ وڏو چئلينج آھي. خساري جي ور چڙھيل حڪومتي ادارن جي نجڪاري، ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري ڪاري ترجيح آھي.وزيراعظم چيو ته حڪومتي سطح تي خرچن ۾ گھٽتائي لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آھي جيڪا جلد پنھنجون سفارشون پيش ڪندي جيڪي قوم آڏو رکيون وينديون.  فيڊرل بورڊ آف روينيو کي سو سيڪڙو ڊيجيٽيلائزيشن لاءِ بين لاقوامي معيار جي ماھرين جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن. معاشري جي ترقي ۽ عوام جي ذھني فڪري تربيت لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪردار انتھائي اھميت جوڳو آھي. اظھار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي تي يقين رکون ٿا. ان حوالي سان ھر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. ھن چيو ته ميڊيا نمائندن جي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آھي. جڏھن ته فيڪ نيوز ھڪ وڏو چئلينج آھي جنھن جي روڪٿام جي لاءِ مين اسٽريم ميڊيا جو ڪردار انتھائي اھم آھي. وزير اعظم محمد شھباز شريف سان ملاقات ڪندڙ  پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسسوئيشن جي وفد ۾ شڪيل مسعود، مير ابراھيم، ميان عامر محمود، سلطان لاکاڻي شامل ھئا. ملاقات ۾ وفاقي وزير اطلاعات عطاءَ تارڙ  ۽ ٻيا به موجود ھئا.

اسلام آباد: گيس جي اگهن ۾ 155 سئو سيڪڙو واڌ واري فيصلي کان اڳ وزيراعظم جو نوٽيس، وزيراعظم گيس اگهن ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وزيراعظم گيس جي اگهن ۾ تازي واڌ جي فارينزڪ آڊٽ رپورٽ هڪ مهيني ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته سئي سدرن گيس ڪمپني گيس 155 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، ڪوئيٽا ۾ درخواست تي ٻڌڻي دوران اوگرا چيئرمين چيو ته گئس جا اگهه وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو دٻاءُ نه آهي، سئي گيس اختيارين جيڪا واڌ گهري آهي، ضروري ناهي ته اُن موجب ئي اگهه وڌايا وڃن، گئس اگهن بابت عوام جي مفادن ۾ فيصلو ڪيو ويندو.