نئون دمبالو (ن پ ا) نئين دمبالي ۾ سنڌ جي مشهور فنڪار رانجهن سولنگي ٿر پروڊيڪشن ۾ گيتن جي غلط رڪارڊنگ ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، رانجهن سولنگي چيو ته گيت ريڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ ٿر پروڊيڪشن ميرپورخاص ويو هئس، مهر علي ٻٻر مون کان مقرر فيس پوري ورتي، هڪ هفتي کانپوءِ منهنجا گيت غلط ٺاهي ڏنا، جيڪي مون صحيح ڪري ٺاهڻ جو چيو ته مهر علي ٻٻر مون سان گٿا لفظ ڳالهائي بدتميزي ڪئي ۽ مون کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.