گيانا(اسپورٽس نيوز) گيانا ۾ شيڊيول ” گلوبل سپر ليگ “ دوران پاڪستان جا چار رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد نواز، خواجا نافع، سعود شڪيل ۽ صاحبزادا فرحان کي مختلف فرنچازز اسڪواڊ جو حصو بڻايو آهي. سعود شڪيل گيانا ايمازون واريئرز جي ٽيم نمائندگي ڪندو جڏهن ته محمد نواز ۽ صاحبزادا فرحان هوبارٽ هيوريڪين ٽيم ۾ شامل آهن. خواجا نافع کي گلوبل لاءِ اين او سي جاري ٿي چڪو آهي، هو ڪهڙي ٽيم طرفان کيڏندو ان جو اعلان اڃا تائين ناهي ٿيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد نواز کي به گلوبل سپر ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي،

 

 

سعود شڪيل ۽ صاحبزادا فرحان کي به اڃا تائين پي سي بي طرفان اين او سي جاري ناهي ڪيو ويو. واضح رهي ته گيانا گلوبل سپر ليگ جا مقابلا 10 کان 18 جولاءِ تائين جاري رهندا.