گوگل اعلان ڪيو آهي ته 2024 ۾ گوگل پوڊ ڪاسٽ ايپ کي بند ڪندو ته جيئن اسٽريمنگ ٻڌندڙن کي يوٽيوب ميوزڪ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.
گوگل جو چوڻ آهي ته يوٽيوب ميوزڪ تي پوڊ ڪاسٽ جي تجربي ذريعي گوگل مستقبل ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پوڊ ڪاسٽ استعمال ڪندڙن لاءِ آڊيو ۽ وڊيو فيچرز کي بهتر بڻائڻ جو ارادو رکي ٿو.
ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ موجب گوگل جو اهو اعلان پوڊ ڪاسٽ جي پيشڪش کي وڌائڻ لاءِ گوگل جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي. هن سال جي شروعات ۾ گوگل آمريڪا ۾ يوٽيوب ميوزڪ جي سپورٽ جو اعلان ڪيو هو، جنهن لاءِ چيو ويو هو ته اهو سال جي آخر تائين عالمي سطح تي پکيڙيو ويندو.
صارفين جي منتقلي آسان بڻائڻ لاءِ گوگل انهن کي مائيگريشن ٽولز جي فراهمي جو ارادو رکي ٿو، پر فراهم ٿيندڙ مائيگريشن ٽولز ايندڙ مهينن ۽ هفتن ۾ تيار ڪيا ويندا
صارفين پنهنجي يوٽيوب ميوزڪ لائبريري ۾ پوسٽ ڪاسٽ آر ايس ايس فيڊز به شامل ڪري سگهن ٿا جنهن ۾ اهي شوز به شامل آهن جيڪي هن وقت يوٽيوب ذريعي ناهن ڪيا ويا
ياد رهي ته 2018 ۾ اينڊرائيڊ تي اها سروس متعارف ڪرائڻ دوران گوگل صارفين کي مفت پوڊ ڪاسٽ لائبريري فراهم ڪئي هئي، 2 سالن بعد گوگل ان کي iOS تي متعارف ڪرايو هو.