گوگل آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ ) تي ٻڌل نئون ”سرچ لائيو“ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو هن وقت آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ موبائيل ڊوائيسز تي گوگل ايپ ذريعي رڳو آمريڪي واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.
هي فيچر ”جيمنائي لائيو“ جيان ڪم ڪري ٿو ۽ گوگل ايپ جي اندر موجود آهي.ان فيچر جي مدد سان صارف هاڻي گوگل سان آڊيو چيٽ ذريعي ڳولا ڪري سگهن ٿا.
گوگل طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ”سرچ لائيو“ فيچر ذريعي واهپيدار رڳو زبان سان سوال ٻڌائيندا جنهن جو جواب گوگل اي آءِ آڊيو جي صورت ۾ ڏيندو ۽ ان دوران هڪ کانپوءِ ٻيو سوال پڇڻ جي به سهولت هوندي.فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ گوگل ايپ کولڻ بعد نئين ”لائيو“ آئڪن تي ڪلڪ ڪريو ۽ وات سان سوال ڪيو.گوگل موجب، هي فيچر انهن ماڻهن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جيڪي گاڏي هلائڻ يا ملٽي ٽاسڪنگ ۾ رڌل هوندا آهن.
هي چيٽ فيچر ٻيون ايپس کولڻ باوجود به جاري رهندو، ان کانسواءِ واهپيدار گوگل جا جواب لکت ۾ به ڏسي سگهن ٿا، جنهن لاءِ ٽرانسڪرپٽ جو آپشن پڻ موجود هوندو.
اي آءِ موڊ جي ”هسٽري“ سيڪشن ۾ اڳواٽ ڪيل سوالن جا جواب ٻيهر ڏسي سگھجن ٿا ۽ ان تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪري سگهجي ٿي.في الحال گوگل طرفان آمريڪا کان ٻاهر هن فيچر جي دستيابي بابت ڪا حتمي تاريخ نه ڄاڻائي وئي آهي، پر اها ڳالهه واضح ڪئي وئي آهي ته ايندڙ مهينن دوران ”سرچ لائيو“ فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.