لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) گوگل طرفان هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) ۾ اڳڀرائي واري عمل کي تيز ڪيو ويو آهي. ڪمپني ڪجهه مهينا اڳ جيمينائي 2.0 اي آءِ ماڊل پيش ڪيو هو ۽ هاڻي ان جو وڌيڪ بهتر ورزن جيمينائي 2.5 جي صورت ۾ متعارف ڪرايو آهي. گوگل موجب، نئون اي آءِ ماڊل ڪوڊنگ، رياضي ۽ سائنس جي شعبن ۾ وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. هي اي آءِ ماڊل مختلف ورزن ۾ موجود هوندو. انهن مان هڪ جيمينائي 2.5 پرو ايڪسپيرمينٽل آهي، جيڪو ڪمپني موجب هڪ سوچيندڙ ماڊل آهي، جيڪو واهپيدارن جي سوالن جا منطقي جواب مهيا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهڙي ريت اهو سوالن جو تجزيو ڪرڻ ۽ انهن جو پسمنظر بيان ڪرڻ جي قابليت به رکي ٿو.ڪمپني پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته جيمينائي 2.5 ذريعي بنيادي ماڊل جي لاڀ ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان واڌ آندي وئي آهي.خبر موجب اسان سوچڻ جي صلاحيت کي سڌيءَ ريت پنهنجي سڀني ماڊلن جو حصو بڻايو آهي ته جيئن اِهي وڌيڪ ڏکيا مسئلا حل ڪري سگهن ۽ لاڀائتي اي آءِ ايجنٽ طور ڪم ڪري سگهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گوگل تازو ئي جيمينائي 2.0 کي پنهنجي سروسز جو حصو بڻائڻ شروع ڪيو آهي، پر ان سان گڏ ئي نئون اي آءِ ماڊل پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي. جيمنائي 2.5 پرو ايڪسپيرمينٽل هن وقت گوگل اي آءِ اسٽوڊيو ۾ موجود آهي، جڏهن ته جيمينائي ايڊوانسڊ واهپيدار ان کي سڌو سنئون جيمينائي ايپ ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا.