انٽرنيٽ سرچ ڪمپني گوگل پنهنجي قيام بعد پهريون ڀيرو سرچ انجن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس موڊ شامل ڪيو آهي، گوگل بلاگ موجب اي آءِ موڊ کي شروعاتي طور صرف آمريڪا ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، جلد ئي ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو

ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، برطانيا ۽ ٻين يورپي ملڪن بعد باقي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ويندو، ان ۾ ڪيترائي مهينا لڳي سگهن ٿ اگوگل پاران سرچ انجڻ جي هوم پيج تي اي آءِ موڊ کي شامل ڪرڻ بعد صارفين هوم پيج تي آءِ ايم فيلنگ لڪي جي جملي کي نه ڏسي سگهندا، ان جي جاءِ تي اي آءِ موڊ ايندو.

گوگل ۾ شامل ٿيندڙ اي آءِ موڊ صرف سرچ انجن نه پر هڪ مڪمل اي آءِ پيڪيج آهي جنهن ذريعي صارفين گرافڪس ۽ ڊيٽا جو مواد به حاصل ڪري سگهندا

ڄاڻايل بٽڻ کين ڪلڪ ڪرڻ بعد صارفين اي آءِ ليس سرچ انجن ۾ هليا ويندا، جتي هو سرچ انجڻ کان ڊگها سوال،  تحقيق ۾ مدد، خريداري لاءِ تجويزون، ذاتي مسئلن بابت معلومات پچي سگهندا.

اي آءِ فيچر تحت جيڪڏهن ڪو صارف براهه راست وڊيو ڪيمرا هلائي اي آءِ کي پنهنجي تيار ڪيل شيءِ ڏيکاري ان کان پڇندو ته ان کي وڌيڪ ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو ته به اي آءِ صارفين کي اهي تجويزون يا جواب ڏيندو.

اهڙي طرح اي آءِ موڊ ذريعي ڀرپاسي وڪرو ٿيندڙ سستين شين جي باري ۾ به معلومات حاصل ڪري سگهبي، خريداري لاءِ سٺيون تجويزون به وٺي سگهبيونگوگل پنهنجي هوم پيج تي اي آءِ موڊ شامل ڪندي ان کي صرف آمريڪا لاءِ پيش ڪيو آهي، جلد ئي ٻين ملڪن لاءِ اها سهولت موجود هوندي.