اسلام ڪوٽ(ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ٽو جي کاڻين مان نڪرندڙ پاڻي گوڙاڻي ڊيم ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،7 سالن کان پاڻي ڳوٺ گوڙاڻي جي ڀِٽن ۾ ڇوڙ ڪرڻ بعد هن وقت پاڻي ڊيم کان 7 سئو ميٽر پري پري تائين زمين مان سيپيج ذريعي نڪري رهيو آهي ۽ زمين کي هٿ سان کوٽڻ ذريعي هيٺيان پاڻي نڪري رهيو آهي،ڳوٺن جا مٺي پاڻي جا کوھه سيپيج بعد هيٺيان کان پاڻي سان ڀرجي ويا آهن، اُنهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سڄاڻ ڌرين جي ٽيم ۽ صحافين پاران گوڙاڻي ڊيم،ڳوٺ تلوايو ۽ وروائي جو دورو ڪيو ويو، جتي ڳوٺاڻن ڀيمراج ميگهواڙ، ليلارام ميگهواڙ، لڇمڻ ميگهواڙ، سبحان لنجو، اُتم ميگهواڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گوڙاڻو ڊيم اندر 7 سالن کان ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي هاڻي نقصان ظاهر ڪري رهيو آهي، ڊيم کان 7 سئو ميٽر پري اسان جي گهرن تائين پاڻي زير زمين سيپيج ڪري نڪري رهيو آهي، هٿ سان کڏ کوٽڻ دوران پاڻي ظاهر ٿي رهيو آهي، اسان جا گهر به ڪريڪ ٿي رهيا آهن، ساڳئي صورتحال رهي ته ڪنهن به وقت وڏي انساني حادثي جا امڪان موجود آهن، ڊيم تباهي مچائي ڇڏي آهي، هزارين وڻ ٻوٽا سڙي ختم ٿي ويا آهن، ماحولياتي گدلاڻ وڌي رهي آهي، پاڻي گندو ۽ ڪيميڪل جي ملاوٽ واري هجڻ ڪري زير زمين پاڻي خراب ٿي ويو آهي، اسان جي پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي جا کوھه به کارا ٿي خراب ٿيڻ بعد سيپيج ڪري هيٺيان کان مٿي پلٽڻ شروع ٿي ويا آهن، هرطرف تباهي جو ڏيک آهي، هنن چيو ته ساڳئي نموني بلاڪ ون جو پاڻي به ڳوٺ تلوايو ۽ وروائي وٽ اوپن ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جيڪو به تباهيون مچائي رهيو آهي، ڪير به دانهن ڪوڪ نه ٿو ٻُڌي، ڪمپبيون عالمي قانون جي لتاڙ ڪندي ڪم ڪري رهيون آهن.