ممبئي (شوبز نيوز) تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ بالي ووڊ سپر اسٽار گووندا ۽ سندس زال سنيتا آهوجا پنهنجي الڳ گهر ۾ رهڻ جو دلچسپ سبب ٻڌايو. سنيتا انڪشاف ڪيو ته هوءَ ۽ گووندا الڳ الڳ گهرن ۾ رهن ٿا، پر اهي گهر هڪ ٻئي جي سامهون آهن. سنيا چيو اسان جو فليٽ ۽ بنگلو هڪ ٻئي جي سامهون آهن، فليٽ ۾ منهنجو مندر آهي ۽ مان پنهنجن ٻارن سان گڏ رهان ٿي، جڏهن ته گووندا بنگلي ۾ رهي ٿو. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته گووندا گهڻو ڪري پنهنجي ملاقاتن ۽ دوستن سان گڏ وقت گذاريندو آهي، تنهن ڪري هو بنگلي ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي. سنيتا جو چوڻ هو ته جڏهن سندس پهرين ملاقات گووندا سان ٿي ته هوءَ ٽام بوائي هئي ۽ مغربي ڪپڙا پسند ڪندي هئي، جڏهن ته گووندا هميشه ساڙهين کي پسند ڪندو هو، ايتري قدر جو هن مون کي ساڙهي پائڻ تي به مجبور ڪيو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سنيتا انڪشاف ڪيو ته هن پاڻ گووندا کي شادي جي آڇ ڪئي هئي.