اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر نائب صدر لطيف کوسا چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر خان جو ايترو تجربو نه آهي، ان ڪري عمران خان کان پوءِ عهدو مون وٽ آهي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان شاهزيب خانزاده سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته اسان ڪي نواز شريف نه آهيون جو عدالتون اسان جي لاءِ اکيون در ۾ وجھي ويٺيون هجن، توشا خانا ڪيس ۾ سيشن جج جو ٽرائل اختيارن کان مٿانهون هو، توشا خانا ڪيس ۾ جيڪا سزا ڏني وئي هئي اها غلط هئي اها فتويٰ نه عبوري آرڊر هو جنهن جي درستگي ڪري سگھجي ٿي، جنهن سزا کي معطل ڪيو ويو ان جي پاداش ۾ اليڪشن ڪميشن عمران خان کي نااهل ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن 30 ڏينهن انتظار ڪرڻ بدران ٽن ڏينهن ۾ ئي نااهل ڪري ڇڏيو. هن بيرسٽر گوهر خان کي طعنو هڻندي چيو ته بيرسٽر گوهر خان جو ايترو تجربو ناهي جيترو منهنجو آهي، آئون پارٽي جو سينئر نائب صدر به آهيان ۽ عمران خان کان پوءِ عهدو مون وٽ آهي. هن چيو ته توشا خانا ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وينداسين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ معطل ٿي ويندو. عمران خان جي بنيادي حقن کي لتاڙيو پيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪور جي چيف جسٽس هر فيصلو عمران خان خلاف ڏنو آهي.