لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جا مشهور اداڪار گوهر رشيد ۽ اداڪاره ڪبريٰ خان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن، گوهر رشيد ۽ ڪبريٰ خان فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي نڪاح بعد عمري جي ادائگي جون تصويرون شيئر ڪيون آهن، تصوير ۾ گوهر ۽ ڪبريٰ کي خانه ڪعبه جي غلاف کي هٿ لڳائيندي ۽ خانه ڪعبه سامهون هڪ ٻئي کي مسڪرائيندي ڏسي تصوير ڪڍرائيندي ڏسي سگهجي ٿو، انهن تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيل آهي “الله جي سامهون 70 هزار فرشتا گواهه ۽ رحمت اسان تي مينهن بڻجي وسي رهي آهي”. گوهر رشيد ۽ ڪبريٰ خان جي مداحن ۽ ساٿي فنڪارن طرفان تبصرن ۾ انهن کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، ان خوبصورت جوڙي جا مداح ساڻن محبت ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.