لاهور(شوبز نيوز) تازو ئي شادي ڪندڙ ادڪار جوڙي مرزا گوهر رشيد ۽ ڪبريٰ خان جي مهندي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ تصويرون ۽ وڊيوز ۾ ڪبريٰ خان کي پنهنجي دوستن ۽ گهر ڀاتين سان گڏ خوبصورت شراري ۾ برائڊل انٽري ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، ان موقعي تي گوهر رشيد اڇو ڪرتو شلوار ۽ گڏ سونهري رنگ جي خوبصورت سال پهري آهي، گوهر ۽ ڪبريٰ اسٽيج تي گڏ ڊانس پرفارمنس ڏيندي به نظر آيا، جڏهن ته سندن دوستن ۽ گهر ڀاتين به مختلف ڊانس پرفارمنس پيش ڪيون، سوشل ميڊيا صارفين ۽ مداحن طرفان انهن وڊيوز کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي ۽ صارفين ان جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن، ياد رهي ته گوهر رشيد ۽ ڪبريٰ خان جو نڪاح مڪه مڪرمه ۾ ٿيو، جنهن جون وڊيوز اداڪاره پنهنجي آفيشل انسٽاگرام تي به شيئر ڪيون هيون.